ضراب حيدر

ضراب حيدر

ضراب حيدر

ضراب حيدر: ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڊراما نگار ضراب حيدر ولد غلام حيدر ڪليار جو جنم 12 اپريل 1967ع تي سکر شهر ۾ ٿيو، سندس والد پنهنجي وقت جو مشهور زرعي ماهر هو. ضراب پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد ۽ پنگريو ضلعي بدين مان، مڊل ۽ انٽر نوابشاهه مان، بي فارميسي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ايم. اي اردو ۽ سنڌي کانسواءِ ۽ ڊي. ايڇ. ايم (ڊاڪٽر آف هوميو پيٿڪ ميڊيسن) جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. لکڻ جي شروعات 1983ع ۾ ڪيائين، انهيءَ زماني ۾ اسڪولي مئگزين ۽ ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ لکندو رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي گورنمينٽ (جي. پي) ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاهه جي مخزن ’سوجهرو‘ ۾ 1983ع ۾ ڇپي. اڳتي هلي هو ’عبرت مئگزين‘ ۾ به لکندو رهيو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ’عبرت مئگزين‘ ۾ ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن جو پهريون مجموعو ’انگن چڙهيو انگ‘ 1989ع ۾ شانتي پبليڪيشن بدين پاران ڇپرايو ويو، جنهن جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي لکيو. سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’سرحدن کان اڳتي‘ 1996ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپيو، جنهن جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو. سندس آتم ڪٿائي ناول ’زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان‘ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2006ع ۾ ڇپيو. ضراب حيدر صحافت جي حوالي سان مختلف اخبارن سان سلهاڙيل رهيو، جن ۾ روزاني ’هلچل‘، ’تعمير سنڌ‘، ’ڪوشش‘، ’سوڀ‘ ۽ ٻيون اخبارون شامل آهن. صحافت سان گڏ ضراب حيدر ڪيترائي احساساتي ڪالم پڻ لکيا آهن.
ضراب حيدر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان پڻ سلهاڙيل رهيو آهي. 2000ع ۾ هن ’اجرڪ ٽي. وي‘ ۽ ’رنگ ٽي. وي‘ تي اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ 2008ع ۾ مهراڻ ٽي. وي حيدرآباد ۾ بنيادي انتظاميا جو حصو بڻيو. مهراڻ ٽي. وي جي بنيادي ميمبر جي حيثيت ۾ هن سنڌي سماج ۽ ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي بهتر پاليسيون ڏنيون. شاهه جو ڪلام عام ڪرڻ، شاهه جا بيت متعارف ڪرائڻ، سهرا ۽ ڪارٽون، خاص سنڌي ڊرامي کي بهتر ڪيو، بندوق ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڊريسنگ جو خاص خيال رکيو، هن مهراڻ ٽي. وي لاءِ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار، امر جليل، نسيم کرل، نور الهديٰ شاهه، حميد سنڌي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون ڊراما ٽائيز ڪري بهترين هدايتڪاريءَ ۾ پيش ڪرايون. بعد ۾ کيس ترقي ڏيئي پروگرام مئنيجر جو عهدو ڏنو ويو. هن ڪيترائي ڊراما سيريلز لکيون آهن، جيڪي مختلف سنڌي ٽي. وي چينلز تان نشر ٿي چڪيون آهن. ڪي. ٽي. اين تي سندس مشهور سيريل ’روگ‘ ۽ مهراڻ ٽي. وي تي سندس مشهور سيريل ’حياتي صدائون‘ آهي. سندس هڪ ناول ’رنگ گرهڻ‘ ماهوار ’همسري‘ مئگزين ۾ قسطوار پڻ شايع ٿي رهيو آهي.
ضراب سنڌي ادبي سنگت سان پڻ سلهاڙيل رهيو آهي، هو ڪيترائي ڀيرا سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه جو سيڪريٽري ۽ سال 1998ع ۾ نامور شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جي سيڪريٽري جنرل واري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.
ضراب حيدر ڪيترائي مڃتا اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان اوارڊ بهترين نثر نگار اوارڊ 2005ع، اڪيڊمي آف ليٽرس پاران شاهه عبداللطيف اوارڊ 2016ع، بهترين ڪارڪردگي اوارڊ مهراڻ ٽي. وي 2009ع، بهترين ڪهاڻيڪار سنڌ راڻي اوارڊ 2016ع، بهترين ڊرامه نگار ڀٽائي آرٽس ڪائونسل اوارڊ 2016ع، آزادي صحافت اوارڊ 1999ع، بهترين رائٽر فقير محمد لاشاري اوارڊ 2015ع قابل ذڪر آهن. ضراب حيدر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ 2011ع کان ڪم ڪري رهيو آهي، هو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ’ريسرچر‘ ۽ هن وقت سنڌي ڊڪشنري بورڊ ۾ ريسرچ فيلو آهي.


لفظ ضراب حيدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.04.12  عيسوي

ضراب حيدر ولد غلام حيدر ڪليار جو جنم 12 اپريل 1967ع تي سکر شهر ۾ ٿيو..



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمود ’خادم‘
شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر
چيتن ماڙيوالا
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
حمـيـد سـنڌي
زيب ڀٽي
رانجهن ماسٽر رانجهن
رحيمداد مولائي شيدائي
مدد علي سنڌي
احمد سلطان کوسو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون